اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت تيل ۽ گئس جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، گذريل ٽن سالن دوران ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جا 83 ذخيرا ڳوليا ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته جون ۾ 6 جاين تي تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳوليا ويا آهن جن مان 50.1 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ۽ 2359 بيرل تيل پيدا ٿي رهيو آهي.