اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ پاور سيڪٽر ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، وزيراعظم جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.