اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين اسلامي دنيا تي زور ڏنو آهي ته هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ تي ڌيان ڏي جنهن جو عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار آهي. هن اها ڳالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعاون بابت ايگزيڪيوٽو باڊي جي 15 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي اعزاز ۾ ايوان صدر ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪئي جنهن ۾ ڪامسٽيڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کانسواءِ وفاقي وزيرن، پارليامينٽرين ۽ سفارتڪارن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر تعاون سان مسلمان دنيا ۾ سائنسي ترقي جي لاءِ 10 سالن جي حڪمت عملي تي عملدرآمد تي پڻ مدد ملندي.