اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشمير مسئلي سميت مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل جي لاءِ او آءِ سي کي ڀرپور قوت سان آواز اٿارڻ گهرجي، ڪشميري عوام جي امنگن موجب گڏيل قومن جي قراردادن تحت ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ضروري آهي. صدر اها ڳالهه ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي عبدالله بن عبدالرحمان بن بڪر عالم سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته او آءِ سي جي استنبول اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي جي حل بابت انتهائي ڀرپور طريقي سان آ واز اٿاريو ويو جنهن سان ان مسئلي بابت ڪشميري عوام جون اميدون وڌي ويون آهن. هن چيو ته ڪشميري عوام هڪ ڊگهي عرصي کان ڀارتي ظلم جو شڪار آهي، ماڻهن جو هڪ وڏو انگ پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺو آهي ۽ هزارين ماڻهو جيلن ۾ بند آهن.