اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي وي ٻه قومي نظريي جي فروغ ۽ پاڪستان جي مذهبي ۽ معاشرتي قدرن موجب پروگرام نشر ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقيف دوران عائشه سيد جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري محسن شاهنواز رانجها چيو ته پيمرا جي مانيٽرنگ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري نه آهي، اسان رڳو سيڪشن 5 تحت پاليسي ڏيون ٿا.