اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف آف شور ڪمپنين، قرض معافي ڪميشن جي حوالي سان پارلياماني ڪميٽي جي لاءِ 6 ميمبرن جي نامزدگي ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڏانهن موڪليل خط ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ٻڌايو ته ان حوالي سان قومي اسيمبلي جي 19 مئي جي اجلاس ۽ سينيٽ جي 20 مئي جي اجلاس ۾ پيش ڪيل قرارداد جي روشني ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف حڪومت پاران 6 ميمبرن جي نامزدگي ڪئي آهي. ميمبرن ۾ سينيٽر مير حاصل بزنجو، سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، ايم اين اي اڪرم خان دراني، ايم اين اي خواجه سعد رفيق ۽ ايم اين اي انوشه رحمان شامل آهن.