اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف قيادت جي خوبين سان ڀرپور هڪ اهڙو اڳواڻ آهي جنهن منفرد ڪردار ۽ سياسي پس منظر جي ڪري پاڪستاني عوام جي اڪثريت جي حمايت حاصل آهي، هو پنهنجي ڪرشماتي ۽ مضبوط شخصيت جي ڪري اهڙو اڳواڻ آهي جنهن کي روايتي طور تي هڪ اڳواڻ چئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار الجزيره جي ايڊيٽوريل پيج تي لکيل مضمون ۾ سياسي تجزيه نگار ٽام حسين ڪيو آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي مقبوليت ان جي ڪري به آهي ته هو پاڪستان جي اڪثريت جي لاءِ ڀروسي جوڳو اڳواڻ آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف جنرل مشرف جي حڪومتي دور ۾ زوري جلاوطني دوران پنهنجو گهڻو وقت سعودي عرب ۾ گذاريو جتي کيس پنهنجي شخصيت کي نکارڻ جو بهترين موقعو مليو.