اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صحتيابي لاءِ اڱاري ڏينهن ٻپهري جي نماز کانپوءِ پارليامينٽ هائوس جي مسجد ۾ خصوصي دعائيه تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، خيبرپختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ميان عبدالمنان سميت قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ ٻي عملي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.