اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين اربع ڏينهن پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو. اجلاس اربع جي صبح 11 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.