اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پاڪستاني ڄائي صادق خان کي لنڊن جو ميئر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته صادق خان جي فتح ۽ زيڪ گولڊ سمٿ جي شڪست لنڊن ۾ رو عمران رو جو آواز بلند ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان پنهنجي پوري خاندان سان گڏ هڪ پاڪستاني ڄائي جي خلاف چونڊ مهم هلائي رهيو هو پر لنڊن ۾ به عوام سندس ڪوڙ جي سياست کي زمين بوس ڪري ڇڏيو آهي.