APP07-11 ISLAMABAD: May 11 – Federal Minister for Information, Broadcasting and Heritage Senator Pervaiz Rashid talking to media persons during Express Education and Career Expo - Where Ambition Meets Opportunity. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ پاناما پيپرز، آف شور ڪمپنين ۽ بئنڪن کان معاف ڪرايل قرضن جي ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي لاءِ 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي تي اتفاق ٿي ويو آهي، ڪميٽي حڪومت جي 6 ۽ مخالف ڌر جي 6 ميمبرن تي ٻڌل هوندي جيڪا پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ ٻن هفتن ۾ پارليامينٽ ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ اسپيڪر جي صدارت ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته 16 مئي تي وزيراعظم نواز شريف قومي اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق کي تجويز ڏني هئي ته هو ايوان ۾ موجود حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي سمورين پارلياماني پارٽين جي مشاورت سان هڪ اهڙي ڪميٽي جوڙي.