اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اسلامي معاشرن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏئي غربت ۽ صحت جي سهولتن ۾ اضافو ۽ خوراڪ ۽ پاڻي ۽ بجلي جا محفوظ ذخيرا وجود ۾ آڻي سگهجن ٿا، ڪامسٽيڪ جنرل اسيمبلي جو مقصد اسلامي معاشرن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو فروغ آهي، مسلمان دنيا کي پنهنجي تحقيق ۽ ترقي جي بجيٽ ۾ فوري اضافو ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ جي باري ۾ او آءِ سي جي اداري ڪامسٽيڪ جي 15 هين جنرل اسيمبلي جي افتتاح جي موقعي تي چئي. صدر چيو ته اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ سان غربت جو خاتمو ۽ عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪري سگهون ٿا.