اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين روانگي واپار جي فروغ ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ پاڪستان جي دفاعي مصنوعات کي عالمي منڊي ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جون دفاعي مصنوعات اعليٰ ترين عالمي معيارن واريون آهن، دفاعي ساز و سامان جي پيداوار ۾ پاڻڀرائپ جي ڪري پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو آهي. هن اها ڳالهه دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.