اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت جي طرز حڪمراني جو ويزن شفافيت ۽ سگهه تي ٻڌل آهي ۽ انهن ٻنهي تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو جڏهن ته وزيراعظم ايندڙ ٽن هفتن جي دوران ملڪ جي مختلف حصن ۾ 5 موٽرويز جي پيڙهه جو پٿر رکندو. هن اها ڳالهه اين ايڇ اي جي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جنهن ۾ اين ايڇ اي جي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ جاري ۽ آئنده جي ترقياتي منصوبن بابت ٺوس بريفنگ ڏني.