بنگلورو-08 نومبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي اهتمام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ اڄ خميس ڏينهن هڪ ميچ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ نيوزي لينڊ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. هي ميچ ميگاايونٽ جو 41 هون ميچ هوندو ۽ ڏينهن جو هڪ لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو. ميگاايونٽ ۾ اڄ خميس ڏينهن هڪ ميچ کيڏيو ويندو جنهن ۾ نيوزي لينڊ ۽ آءِ لينڊرز ايم چنا سوامي اسٽيڊيم، بنگلورو ۾ زور آزمائيندا. ميگا ايونٽ ۾ ڪيويز ۽ آءِ لينڊرز ٽيمون 8، 8 ميچ کيڏي چڪيون آهن ۽ نيوزي لينڊ جي ٽيم چار ميچ کٽي سگهي آهي جڏهن ته کيس چار ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو ۽ هو پوائنٽس ٽيبل تي 8 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي ۽ ميگاايونٽ جو 41 هون ڪيويز لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي. سريلنڪن ٽيم به 8 ميچ کيڏي چڪي آهي جڏهن ته هن کي 6 ميچن ۾ شڪست ۽ ٻن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهي آهي ۽ ٽيبل تي چار پوائنٽس سان اٺين نمبر تي آهي، ميگاايونٽ جو فائنل ميچ 19 نومبر تي احمد آباد ۾ کيڏيو ويندو.