پوني-07 نومبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مينز ورلڊڪپ ٽورنامينٽ ۾ (اڄ) اربع تي هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ نيڌرلينڊز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. هي ميچ ميگا ايونٽ جي 40هين ميچ هوندي جيڪا ڏينهن جو هڪ لڳي 30 منٽن تي کيڏي ويندي. ڀارت ۾ جاري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ جاري آءِ سي سي مينز ورلڊڪپ ٽورنامينٽ جو 13هون ايڊيشن جاري آهي. ميگا ايونٽ ۾ اڄ واحد ميچ انگلينڊ ۽ نيڌرلينڊز جي ٽيمن وچ ۾ مهاراشٽر ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم پوني ۾ کيڏي ويندي. ميگا ايونٽ ۾ ٻئي ٽيمون 7-7 ميچون کيڏي چڪيون آهن. انگلينڊ جي ٽيم 7 مان 6 ميچن ۾ شڪست کائي چڪي آهي جڏهن ته هڪ ۾ سوڀاري ٿي آهي. جڏهن ته نيڌر لينڊ 7 مان 5 ميچن ۾ شڪست کاڌي ۽ 2 ميچن ۾ سوڀاري ٿي آهي. انگلينڊ جي ٽيم کي بهترين بيٽسمين ۽ وڪٽ ڪيپر جڳوز بٽلر ليڊ ڪندو جڏهن نيڌر لينڊز جي ٽيم کي اسڪاٽ ايڊورڊز ليڊ ڪري رهيو آهي.