ممبئي -01 نومبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي انتظام هيٺ جاري ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ اڄ خميس تي هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ ميزبان ڀارت ۽ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، اها ميچ ميگا ايونٽ جي 33هين ميچ هوندي ۽ ڏينهن جو ڏيڍ وڳي شروع ٿيندي. ميگا ايونٽ ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا جون ٽيمون 6-6 ميچون کيڏي چڪيون آهن. ڀارتي ٽيم ايونٽ ۾ اڃا تائين ناقابل شڪست ۽ پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ تي آهي جڏهن ته سريلنڪا جي ٽيم 6 ميچن مان رڳو 2 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. ڀارتي ٽيم جي قيادت روهت شرما جڏهن ته سريلنڪا جي ٽيم جي اڳواڻي ڪوسل مينڊس ڪري رهيا آهن.