ڪولڪته- 30 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ پاڪستان پنهنجي ستين ميچ (اڄ) اڱارو 31 آڪٽوبر تي بنگلاديش خلاف کيڏندو. مسلسل چئن شڪستن کان پوءِ قومي ٽيم کي سيمي فائينل جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هي ميچ کٽڻ تمام ضروري آهي. پاڪستان ڇهه ميچون کيڏيون آهن جنهن مان 2 ۾ سوڀ ماڻي ۽ 4 ۾ شڪست کائي چڪو آهي. پاڪستاني ٽيم بهترين بيٽسمين بابر اعظم جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم کي شڪيب الحسن ليڊ ڪري رهيو آهي. پاڪستان پنهنجي اٺين ميچ 4 نومبر تي نيوزيلينڊ جڏهن ته نائين ۽ آخري ميچ 11 نومبر تي انگلينڊ خلاف کيڏندو.