اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) ايشيا جونيئر هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان پنهنجي ٽئين ميچ 27 مئي تي روايتي مخالف ڀارت خلاف اومان جي شهر صلاله ۾ کيڏندي. ايشيا جونيئر هاڪي ڪپ ۾ 10 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن کي 2 پول ۾ ورهايو ويو آهي. پاڪستان پنهنجي ٽئين ميچ 27 مئي تي روايتي مخالف ڀارت جڏهن ته 29 مئي تي جاپان خلاف کيڏندي.