اسلام آباد – 04 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽئين ميچ اڄ (جمعي تي) نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ ڊي نائيٽ هوندي جيڪا پاڪستان جي معياري وقت مطابق 3:30 وڳي ٿيندي. پاڪستان کي مهمان ڪيوي ٽيم خلاف 5 ميچن جي سيريز ۾ ڪيويز خلاف 03-0 جي برتري حاصل آهي. پاڪستان لاءِ ون ڊي ڪرڪيٽ جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جو سونهري موقعو آهي ۽ ان مقصد لاءِ گرين شرٽس 02 ميچن جي ڪاميابي جي مفاصلي تي آهن. پاڪستاني ٽيم کي 05 ميچن جي سيريز ۾ مهمان ٽيم کي ڪلين سوئيپ شڪست ڏيڻي پوندي.