ميڊرڊ _ 2 مئي (اي پي پي ) بيلاروس جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ آرينا سبلينڪا ۽ يوناني ٽينس رانديگرياڻي ماريا سڪاري ميڊرڊ اوپن ٽينس ومينز اوپن سنگلز ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون . آرينا سبلينڪا عورتاڻي سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ روسي حريف رانديگر ميرا ياڻي ميرا اليگزينڊر روونا اينڊريو ۽ ماريا سڪاري هسپانوي حريف رانديگرياڻي پالا بدوسا گيبرٽ کي شڪست ڏني . ڊبليوٽي اي جي اهتمام هيٺ ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن .