راولپنڊي_ 28 اپريل(اي پي پي) پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچن ۾ 500 ميچون کٽيندڙ دنيا جي ٽئين ٽيم بڻجي وئي آهي، راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري گرين شرٽس ون ڊي انرنيشنل ميچن ۾ گڏيل طور تي 500 ڪاميابين جو ريڪاڊ مڪمل ڪري ورتو آهي، پاڪستان کان اڳ آسٽريليا ۽ ڀارت جون ٽيمون اهو اعزاز حاصل ڪري چڪيون آهن،پاڪستان اهو اعزاز 949 هين ون ڊي ميچ ۾ مڪمل ڪيو.