لندن _ 27 اپريل (اي پي پي ) انگلش پريميئر ليگ ۾ وڌيڪ 3 ميچن جو فيصلو (اڄ ) جمعي ڏينهن تي ٿيندو . پريميئر فٽ بال ليگ جي 124 هين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن . انگلش پريميئر ليگ ۾ 28 اپريل تي کيڏيل پهرين ميچ ۾ ايورٽن ۽ نيوڪيسل يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ گوڊيسن پارڪ ، ليورپول جي هنڌ تي مقابلو ٿيندو ، ٻين ميچ سائوٿمپٽن ۽ بورن مائوٿ جي ٽيمن وچ ۾ سينٽ ميري اسٽيڊيم ، سائوٿمپٽن وچ ۾ مقابلو ٿيندو ،جڏهن ته ٽين ميچ ۾ ٽونٽم هاٽ پو ۽ مانچسٽر جون ٽيمون ٽونٽم هاٽ پور اسٽيڊيم ، لندن ۾ آمهون سامهون ٿينديون.