ويلنگٽن -04 اپريل (اي پي پي) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ اينڊ زيڊ سي پاڪستان جي دوري لاءِ ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. ٽام ليٿم ڪيوي ٽيم جي قيادت ڪندو، ٽام ليٿم جي قيادت ۾ ڪيوي ٽيم آئرلينڊرز خلاف هاڻوڪي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. سندس ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي کيس پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ برقرار رکيو ويو آهي. نوجوان رانديگرن بين لسٽر ۽ ڪول ميڪ ڪونچي کي نيوزيلينڊ جي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن طرفان گرين شرٽس خلاف ون ڊي ڊيبيو ڪرڻ جو امڪان آهي. ٽام بلنڊل، چيڊ باويس، ميٽ هينري ۽ ايڊم ملني به نيوزيلينڊ اسڪواڊ ۾ شامل آهن. ان کان علاوه ڊيرل مچلز، هينري نڪولس، جمي نيشم، رچن روندرا به ٽيم جو حصو آهي. هنري شيپلي، ايش سوڍي، بليئر ٽڪنر ۽ ول ينگ به ڪيوي ون ڊي اسڪواڊ جو حصو آهن. واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي ٽي ٽوئنٽي تيم جو اعلان اڳ ئي ٿي چڪو آهي. نيوزيلينڊ جو ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ 10 اپريل تي پاڪستان پهچندو. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پاڪستان جي دوري لاءِ ثقلين مشتاق جي مقرري جو به باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪيوي ون ڊي اسڪواڊ جي قيادت ٽام ليٿم ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ٽام بلنڊل، چاڊبوز، ميٽ هنري، بين لسٽر، ڪول ميڪونچي، ايڊم ملني، ڊيرل مچل، جمي نيشم، هنري نڪولس، ريچن رويندرا، هنري شپلي، ايش سوڍي، بليئر ٽڪنر ۽ ول ينگ شامل آهن. نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ شيڊول پنجن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 26 اپريل تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.