اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ ٻن ميچن جو فيصلو اڄ اڱاري تي ٿيندو. پهرين ميچ ۾ پشاور زلمي ۽ لاهور قلندرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. جڏهن ته ٻي ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيد ۽ ملتان سلطان جون ٽيمون زور آزمائي ڪنديون. ٻئي ميچون راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. پي ايس ايل جي اٺين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ اڄ اڱاري تي ليگ جي پهرين ميچ پشاور زلمي ۽ لاهور قلندرز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته ٻي ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ملتان سلطان جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. پي ايس ايل جو فائينل 19 مارچ تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.