ملتان-23 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي اٺين سيزن ۾ هن وقت تائين کيڏيل ميچن ۾ ملتان سلطانز پوائنٽس ٽيبل تي 8 پوائنٽن سان اڳيان آهي. لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون ترتيبوار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آهن. ٻئي ٽيمون 4-4 پوائنٽن ذريعي ڄاڻايل نمبر حاصل ڪيا آهن. جڏهن ته ڪراچي ڪنگز، اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيمن اڃا تائين 2-2 پوائنٽ حاصل ڪيا آهن ۽ هو ترتيبوار چوٿين، پنجين ۽ ڇهين نمبر تي آهن. ٽورنامينٽ جي طريقيڪار مطابق هر ٽيم پنهنجي هوم گرائونڊ ۾ ميچ کيڏندي. هوم گرائونڊ ميچن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٽيمون ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ داخل ٿي وينديون جنهن کانپوءِ سيمي فائنل ۽ فائنل جو مرحلو ايندو.