ڪيپ ٽائون- 20 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي ويمنز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ ۾ وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو اڄ اڱاري تي ٿيندو. پهريون ميچ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي عورت ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو، ٻي ميچ ۾ ميزبان ڏکڻ آفريقا ۽ بنگلاديشي ويمنز ٽيمون آمهون سامهون هونديون. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي اهتمام هيٺ ويمنز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اٺين ايڊيشن ۾ دلچسپ ۽ ڪانٽيدار مقابلن جو سلسلو پنهنجي عروج تي پهچي چڪو آهي. ميگا ايونٽ ۾ سڀاڻي اڱاري تي وڌيڪ ٻه ميچ کيڏيا ويندا، پهريون ميچ گروپ بي جون ٽيمون پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٻه ميچ گروپ اي جون ٽيمون ميزباني ڏکڻ آفريقا ۽ بنگلاديش جي ويمن ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو، ميگا ايونٽ جون اڄ جون ٻه ميچون ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيون وينديون، ميگا ايونٽ ۾ 10 ويمن ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ زور آزمائي رهيون آهن، آسٽريلوي ويمن ٽيم ٽائيٽل جي دفاع لاءِ ڪوشان آهي، ويمنز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2023ع جو فائنل ميچ 26 فيبروري تي شيڊول آهي جڏهن ته 27 فيبروري فائنل جو ريزرو ڊي هوندو.