اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) ورلڊ مينارٽيز الائنس جي ڪنوينر ۽ آبادي جي ڀلائي واري اڳوڻي وفاقي وزير جي سالڪ سندس ڀاءُ پاران ٺاهيل اڳوڻي آمريڪي صدر جارج واشنگٽن سميت مختلف اڳواڻن جي پينٽنگس جي نمائش ۽ نيلامي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان عالمي بين المذاهب مهم جي شروعات ٿيندي، عالمي بين المذاهب هم آهنگي تي هڪ تمام وڏي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو ارادو آهي، ان ڪانفرنس ۾ مختلف مذهبن جي اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گهرايو ويندو ته جيئن انسانيت سان يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي. آمريڪا ۾ جارج واشنگٽن جي پيدائش جو ڏهاڙو فيبروري جي ٽئين سومر تي ملهايو پيو وڃي. اي پي پي سان واشنگٽن ڊي سي مان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ جي سالڪ چيو ته سندس ڀاءُ پاران ٺاهيل پورٽريٽن ۾ ڪيٿولڪ چرچ جي سربراهه پوپ فرانسس، ڪينٽري بري جي آرچ بشپ جسٽن ويلبي، اڳوڻي آمريڪي صدر ابراهم لنڪن، جارج واشنگٽن، مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر، امام ڪعبه عبدالرحمان السديس ۽ شهزادي آف ويلز ليڊي ڊيانا سميت اهم عالمي شخصيتن جا پورٽريٽ شامل آهن. اهي پورٽريٽ انهن عظيم شخصيتن جي ڪوششن طرف اڳواڻن ۽ عوام جو ڌيان ڇڪرائڻ ۾ انهن جي مدد ڪندا. جي سالڪ چيو ته اهي پورٽريٽ انساني همدردي جي مقصد جي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي لاءِ نيلام ڪيا ويندا. ڊبليو ايم اي جي ڪنوينر ٻڌايو ته سندس مهم جو مقصد معاشري جي پٺتي پيل ۽ پيڙهيل ماڻهن جي مدد جي لاءِ فنڊز جو انتظام ڪرڻ آهي. هن چيو ته جارج واشنگٽن جي شخصيت جا آمريڪي معاشري تي گهرا نقش آهن ۽ هو انهن جي پيٽنگس جي نمائش سان عالمي بين المذاهب مهم جي شروعات ڪري رهيو آهي. جي سالڪ چيو ته وٽس اٽڪل 25 خصوصي آئل پينٽنگز آهن جيڪي سندس فوت ٿي ويل ڀاءُ ۽ مصور مارڪس سالڪ ٺاهيون هيون جنهن جمهوريت، اقليتن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ۽ مذهبي هم آهنگي جي وڪالت ڪئي. نمائش تي تبصرو ڪندي هن چيو ته آئون عالمي بين المذاهب هم آهنگي تي هڪ تمام وڏي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو ارادو ڪري رهيو آهيان، ڪجهه اولهه مهذب معاشرن ۾ اقليتن جي خلاف تشدد ڳڻتي جوڳي سطح تي آهي. هن چيو ته پنهنجي 47 سالا ڊگهي ڪيريئر ۾ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد دوران هن بنا ڪنهن فرق جي سڀني جي لاءِ برابر حقن جو ڀرپور دفاع ڪيو. هن چيو ته واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ان ڪانفرنس ۾ مختلف مذهبن جي اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گهرايو ويندو ته جيئن انسانيت سان يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي.