لندن _ 9 فيبروري (اي پي پي ) انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ 11 فيبروري تي وڌيڪ 7 ميچن جو فيصلو ٿيندو . پريميئر ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن . اي پي ليگ ۾ 11 فيبروري تي کيڏي ويندڙ پهرين ميچ ۾ ويسٽ هيم يونائيٽيڊ جو مقابلو چيلسي جي ٽيم سان ٿيندو ، ٻين ميچ آرسنل ۽ برينٽ فورڊ ، ٽين ميچ ڪرسٽل پيلس ۽ برائٽن اينڊ هووالبيون وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته چوٿين ميچ فلم ۽ ناٽنگم فاريسٽ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي ، پنجين ميچ ليسٽر سٽي ۽ ٽوٽنم هاٽ پور جي ٽيمن وچ ۾ جڏهن ته ڇهين ميچ سائوٿ ٿمپٽن ۽ وولورهيمٽن جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ستين ميچ بورن مائوٿ ۽ نيو ڪيسل يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي .