ڪراچي – 08 – فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ بحالي جي منصوبن جي شفاف ۽ موثر نفاذ جي لاءِ گورننس مڪينزم جوڙيو ويو آهي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گهرن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ عالمي مدد ۾ نمايان ڪاميابي ملي، سنڌ حڪومت هائوسنگ سيڪٽر جي لاءِ مڪينزم جوڙي ڇڏيو آهي، عمل جي طريقيڪار کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ حڪومت ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي تعاون سان ”ترقي يافته سنڌ: وچن کان نئين سر تعمير تائين“ جي عنوان تحت منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عالمي بئنڪ گروپ جا خصوصي طور تي ٿورا مڃان ٿو جيڪو انهن جي حڪومت ۽ سمورن ترقياتي حصيدارن ۽ ملڪن جي مدد جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ تمام اڳتي رهيو آهي جنهن ضرورت جي هن گهڙيءَ ۾ اڳتي رهڻ جو عزم ڪيو ۽ جنيوا ڪانفرنس دوران ساراهه جوڳا واعدا ڪيا. هِن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي قدمن تي روشني وجهڻ آهي. ٻوڏ بحالي جي منصوبن جي شفاف ۽ موثر نفاذ جي لاءِ گورننس مڪينزم جوڙيو ويو آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومن 9 جنوري تي جنيوا ۾ گڏيل ميزباني به ڪئي. وڏي وزير ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گهرن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ عالمي مدد ۾ نمايان ڪاميابي ملي ۽ انهي روشني ۾ سنڌ حڪومت اڄ ڪانفرنس منعقد ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هائوسنگ سيڪٽر جي لاءِ اڳ ۾ ئي مڪينزم جوڙي ڇڏيو آهي ۽ عمل جي طريقيڪار کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سنڌ حڪومت پاران عالمي بئنڪ سميت سمورن پارٽنرز ۽ عالمي ملڪن پاران مدد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.