جوهانسبرگ-07 فيبروري (اي پي پي) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي ) جي اهتمام هيٺ ويمينز ٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ جو اٺون ايڊيشن 10 فيبروري تي باضابط طورتي ڏکڻ آفريقا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ شروع ٿيندو . ميگا ايونٽ ۾ 10 عورتاڻيون ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪنديون . آسٽريلوي عورتاڻي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندي . پاڪستان ۽ ڀارت جي عورتاڻي ٽيمن وچ ۾ ميچ 12 فيبروري تي ڪيپ ٽائون ۾ کيڏي ويندي .