سڊني_ 20 جنوري(اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وومين ٽيمن وچ۾ ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ (اڄ) ڇنڇر تي نارٿ سڊني اوول ۾کيڏي ويندي، وومين ٽيم اڄڪلهه آسٽريليا جي دوري تي موجود آهي جٿي هو ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي20 ميچن جي سيريز کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ (اڄ) ڇنڇر تي نارٿ سڊني اوول ، سڊني ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم کي پاڪستان ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0_2 جي فيصلو ڪندڙ سرسي حاصل آهي. جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ۾ ٽي 20 سيريز جي شروعات 24 جنوري کان سڊني ۾ ٿيندي، سيريز جي ٻي ٽي ،ٽوئنٽي 26 جنوري تي هوبارٽ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 29 جنوري تي کيڏي ويندي.