ڀونيشور- 19 جنوري (اي پي پي) مينز هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ ملائيشيا نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي. ايف آءِ ايڇ جي انتظام هيٺ هاڪي ورلڊڪپ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو ڀارت ۾ جاري آهي. ڪلنگا اسٽيڊيم، ڀونيشور ۾ کيڏل پول سي جي ميچ ۾ ملائيشيا نيوزيلينڊ کي سخت مقابلي کانپوءِ 3 -2 تان هارايو، ملائيشيا طرفان فضل بن ساري نائين ۽ 57 هين منٽ ۾ ٻه جڏهن ته محمد رضي عبدالرحم 43 هين منٽ ۾ هڪ گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نيوزي لينڊ طرفان هيڊن برائن فلپس 52 هين ۽ ثام گيريٽ لين 53 هين منٽ ۾ هڪ، هڪ گول ڪيو. ملائيشيا جي هي ٽورنامينٽ ۾ ٻي ڪاميابي آهي، ملائيشيا جي ٽيم پنهنجي ٻي فتح کانپوءِ ٽيبل تي 6 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي آهي.