ميلبورن- 19 جنوري (اي پي پي)ڀارت جي مشهور ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ سندس قزاخستان جي جوڙيوال اينا سرجيوينا ڊينيلينا هلندڙ سال جي پهرين گرينڊ سلام آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو فاتحاڻو آغاز ڪندي عورتن جي ڊبلز مقابلن جي ٻئي رائونڊ ۾ پهچي وئي. فاتح جوڙي ويمنز ڊبلز جي شروعاتي ميچ ۾ هنگري جي ڊالماريبيڪا گالفي ۽ سندس آمريڪي ٽينڪس رانديگر برنارڊا پيرا کي شڪست ڏني. انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن (آءِ ٽي ايف) جي اهتمام هيٺ آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو 111 هون ايڊيشن آسٽريليا جي مشهور شهر ميلبورن ۾ جاري آهي. خميس ڏينهن کيڏل عورتن جي ڊبلز مقابلن جي پهرين رائونڊ ميچ ۾ ڀارت جي مشهور ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ سندس قزاخستان جي جوڙيوال اينا سرجيوينا ڊينيلينا شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ساٿي هنگري جي ڊالماريبيڪا گالفي ۽ سندس آمريڪي ٽينس رانديگر برنارڊا پيرا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-2 ۽ 7-5 تان شڪست ڏئي نه رڳو ميگا ايونٽ ۾ ويمنز ڊبلز جو فاتحاڻو آغاز ڪيو پر ٻئي رائونڊ ۾ پهچي وئي.