جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جنيوا ۾ ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ازبڪستان جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لنگهه تي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس جلد پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم ازبڪستان جو پاڪستان جي ٻوڏ دوران امداد تي صدر مرزايوف جا ٿورا پڻ مڃيا. پرڏيهي وزير بختيار سيدوف وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ازبڪستان جي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.