APP43-060123 ISLAMABAD: January 06 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addressing at the establishment of Hazara Electric Supply Company ceremony. APP/ABB

اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوامي ڀلائي جي منصوبن جي لاءِ تيزي سان قدم کنيا ويندا، اڳوڻي حڪومت جي مجرماڻي خاموشي سان ملڪ ۾ توانائي بحران پيدا ٿيو، عمران نيازي کي عوام سان لڳاءُ هجي ها ته هو انتقامي ڪارروائي، گارگند، الزام بازي کي ڇڏي عوام جي خدمت جا منصوبا شروع ڪري ها، هن ملڪ جي معيشت، معاشري ۽ سماج کي تباهه ڪيو، ان کان وڏو منافق، محسن ڪش ۽ ناشڪرو انسان ناهي ڏٺو، عمران نيازي سي پيڪ کي نقصان پهچايو، چين سميت ٻين دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، پاڪستان ڏيوالپڻو نه ٿيندو، آءِ ايم ايف جي ٽيم جلد پاڪستان جو دورو ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هزاره اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي قيام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بجلي واري واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، مسلم ليگ (ن) جي صوبائي صدر انجنيئر امير مقام، وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ڪيپٽن (ر) محمد صفدر پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته تقريب ۾ سردار محمد يوسف، سردار شاهجهان يوسف، سينيٽر پير صابر شاهه، اورنگزيب، آفرين خان، بلدياتي نمائندا ۽ مسلم ليگ (ن) جا عهديدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هزاره سميت سڄي ملڪ ۾ سوئي گئس جي اربين رپين جا منصوبا فنڊز دستياب ٿيڻ جي باوجود خراب ٿي رهيا هئا انهن کي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان جي لاءِ مخصوص فنڊز استعمال ۾ آندا ويندا، گئس جي سپلائي ٿيڻ تي انهن پائيپ لائينن سان گئس توهان جي گهرن تائين پهچندي، توهان جا چُلها ٻرندا. هن چيو ته نواز شريف هزاره ڪي پي سميت ملڪ جو معمار آهي، نواز شريف 2013ع ۾ اقتدار سنڀاليندي ئي 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ جو منصوبو ٺاهيو، سي پيڪ سميت ٻين منصوبن ذريعي بجلي جي 5 هزار ميگاواٽ اضافي پيداوار جا ايل اين جي منصوبا شروع ڪيا ويا، 11 هزار ميگاواٽ بجلي جا منصوبا ان جي دور ۾ مڪمل ٿيا، بجلي نه هجڻ جي ڪري ملڪ ۾ جيڪي اونداهيون هيون اهي ختم ٿي ويون. هن چيو ته بدقسمتي سان اڳوڻي حڪومت ٻين معاملن وانگر بجلي ۽ گئس جي منصوبن ۾ بدترين غفلت جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ڪورونا آيو هو ان وقت مارڪيٽ ۾ گئس 2 ۽ 3 ڊالر في يونٽ ۾ ملي رهي هئي هن شخص ڪجهه نه ڪيو، ان کي پاڪستاني عوام سان ڪو لڳاءُ ۽ سروڪار نه هو، جيڪڏهن ان کي عوام سان لڳاءُ هجي ها ته هو انتقامي ڪارروائي، گارگند، الزام بازي کي ڇڏي عوام جي خدمت جا منصوبا شروع ڪري ها، عمران خان عوام کي هر طرح جو معاملو ٻڌائي رهيو آهي، هڪ شيءَ به ان جي جهولي ۾ نه آهي ته هو 22 ڪروڙ عوام کي اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهي ته هن ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ترقي جي لاءِ هڪ سر به نه هنئي، هن ملڪ جي معيشت، معاشري ۽ سماج کي تباهه ڪيو، ان کان وڏو منافق، محسن ڪش ۽ ناشڪرو انسان ناهي ڏٺو، عمران نيازي جي ڪرتوتن ۽ بيانن جي هڪ هڪ لفظ مان اها ڳالهه واضح ثابت ٿي رهي آهي ته ان کان وڌيڪ وڏو ڪو محسن ڪش پاڪستان ۾ پيدا نه ٿيو. وزيراعظم چيو ته گذريل چار سالن دوران پاڪ فوج پاڪستان جي ترقي لاءِ عمران خان سان ڀرپور تعاون ڪيو پر هو مڪمل سپورٽ کانپوءِ ناڪام وزيراعظم ثابت ٿيو، هاڻي هو اقتدار تي ويهاريندڙ تي الزام بازي ڪري رهيو آهي، ڪنهن جي ننڍي احسان تي به نظرون نه ٿيون هٽن، اهي معاشرتي قدر آهن ته هڪ ٻئي سان عزت سان پيش اچو، احسان مندي جي واقعن سان تاريخ ڀريل آهي. هن چيو ته دوست ملڪن سدائين هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، 75 سالن ۾ اربين ڊالر بنا ڪنهن شرط جي پاڪستان کي ڏنا، چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر سميت ٻين ملڪن سدائين پاڪستان جي مدد ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران نيازي دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، انهن کي ناراض ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان اڄ تباهي جو شڪار آهي، مون کي اندازو نه هو ته عمران خان هر شيءَ جي تباهي ڪري ڇڏي آهي، چين جي وزيراعظم سان 45 منٽ ڳالهه ٻولهه ڪئي، سعودي عرب وانگر چين پاڪستان جو دوست آهي. هن چيو ته معاملا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، عمران خان سي پيڪ جو جنازو ڪڍيو، چيني ڪمپنين تي ڪرپشن جي بي بنياد الزام هنيا، هڪ ملڪ پاڪستان ۾ 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، ان جا ٿورا مڃڻ بدران ان تي الزام هنيا، عمران نيازي پنهنجي حوارين کان سڀ ڪجهه ڪرايو، چين ناراض ٿي ويو، چين منهنجي دوري دوران گرمجوشي سان استقبال ڪيو، اها چين جي پاڪستان جي عوام سان محبت آهي، سمورن دوست ملڪن سان لاڳاپا ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. چين جي وزيراعظم يقين ڏياريو ته پاڪ چين دوستي هماليه کان اونچي آهي ۽ پاڪستان کي اڪيلو نه ڇڏيندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چين جي دوري تي وئي، چين جي وزيراعظم ٻڌايو ته هن ان کي چيو ته پاڪستان اسان جو ڀاءُ آهي، اسان ان سان گڏ بيٺل آهيون، توهان به ان جو ساٿ ڏيو، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر رات دير سان ٽيليفون ڪئي، 9 جنوري تي پوري دنيا ۾ ٻوڏ متاثرين جو ڪيس وڙهنداسين، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ٻڌايو ته اڳوڻي حڪومت جيڪو معاهدو پاش پاش ڪيو اتحادي حڪومت ان کي پورو ڪيو، ان کي يقين ڏياريو ته اسان سموريون شرطون پوريون ڪنداسين. هن چيو ته دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، گئس اڻلڀ آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي، گهريلو صارفين جي لاءِ گئس جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، دنيا ۾ مهانگائي ۽ ٻاڙائي آهي، يوڪرين – روس جنگ جي ڪري عالمي معيشت متاثر ٿي آهي، گذريل حڪومت جي دور ۾ ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي، هاڻي اربين ڊالر سان ڪڻڪ خريد ڪرڻي پئجي رهي آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو، ان کي ٻڌايو ته غريب عوام تي وڌيڪ بار نه ٿا وجهي سگهون، اميرن تي يڪس لڳايو آهي، آءِ ايم ايف جي ٽيم 9 هين جائزي جي لاءِ جلد پاڪستان ايندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا مخالف جيڪا پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن ته پاڪستان ڏيوالپڻو ٿي ويندو اهڙي ڪا صورتحال نه آهي، اڳوڻي حڪومت جي سمورين واعدي خلافين ۽ ماٽيلي ماءُ جي سلوڪ جي باوجود دوست ملڪ پاڪ سان گڏ بيٺل آهن، اتحادي حڪومت ملڪ کي عظم تر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ پنجاب ۾ دوائون مفت هيون، هن وقت مشڪل صورتحال آهي، بازارن ۽ دڪانن جي لاءِ بجلي جي بندش جي وقت جو تعين ڪيو آهي، ساليانو 27 ارب ڊالر گئس، بجلي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي درآمد تي خرچ ٿين ٿا. هن چيو ته واپاري معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، انهن کي اپيل آهي ته مشڪل وقت ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين ته جيئن بجلي جي بچت ٿئي، ان سان تيل جي درآمدي ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ڊالر جي بچت ٿيندي جيڪي ملڪ جي ترقي تي خرچ ڪيا ويندا. هن چيو ته جڏهن خادم اعليٰ هئس ته ان وقت شادين جون تقريبون رات دير تائين ٿينديون هيون جڏهن ته ٺوس قدمن جي ذريعي هوٽل 10 وڳي بند ٿيڻ لڳا ۽ شاديون به 10 وڳي ختم ٿي وينديون هيون. هن چيو ته ٺوس قدمن جي ذريعي ملڪ جا مسئلا حل ڪيا ويندا، اسان سڀ گڏجي ملڪ کي عظيم بڻائينداسين. تقريب کي خطاب ڪندي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ڪمپني قائم ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته جڏهن به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آئي ان ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، هزاره اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي قيام جي منظوري 2018ع ۾ ڏني وئي هئي جڏهن ته ان کي گذريل حڪومت روڪي رکيو، هاڻي ان کي ممڪن بڻايو، ان تي هزاره ڊويزن جي عوام چونڊيل نمائندن پاران توهان جا ٿورا ادا ڪريان ٿو، هزاره ڊويزن ۾ اربين رپين جا منصوبا مڪمل ڪنداسين، مسلم ليگ (ن) ڪوهستان، هري پور ۽ ايبٽ آباد پاران توهان کي دعوت آهي اتان جي عوام توهان جي استقبال ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ بي قرار آهي، اميد آهي ته جلد وقت ڏيندا. مسلم ليگ (ن) جي صوبائي صدر انجنيئر امير مقام چيو ته هزاره جي عوام کي مبارڪباد ڏيون ٿا جن جو هزاره اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جو قيام عمل ۾ آڻڻ جو پراڻو مطالبو پورو ٿيو، ان ڪمپني جي قيام ۾ بنيادي ڪردار مرتضيٰ جاويد عباسي جو آهي، هزاره اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي قيام تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃون ٿا، پنجاب کانپوءِ ڪي پي مسلم ليگ (ن) جو ٻيو گهر آهي، خيبرپختونخواهه ۾ تازن جلسن ۾ عوام انتهائي محبت جو ثبوت ڏنو آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ڪيپٽن (ر) محمد صفدر چيو ته اسان اهو چاهيو پئي ته هزاره جا وسيلا هزاره ۾ استعمال ٿين، هزاره پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه آهي، مسلم ليگ (ن) هزاره موٽروي ڏني، ان کانسواءِ ڪيترائي رستا ڏنا. ڪي پي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف ڪمپني جي قيام تي هزاره جي عوام پاران وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڄ جو ڏينهن هزاره جي تاريخ ۾ سنهري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، هي هزاره جي عوام جو پراڻو مطالبو هو جنهن کي شهباز شريف عملي جامعو پارايو. سينيٽر پير صابر شاهه چيو ته هزاره مسلم ليگ (ن) جي سڃاڻپ آهي، اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪئي، مشڪل حالتن جي باوجود وزيراعظم پرخلوص نيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.