APP61-081222 ISLAMABAD: December 08 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif distributes keys of the newly built houses among the flood affectless of Tank at the inaugural ceremony of Insaf Shah Pre-Fabricated Housing Project donated for the Flood Affectees of Tank by Menzies Aviation Group and SPARS Group. APP/TZD/ABB

اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ڪيل رهائشي يونٽس جي افتتاحي تقريب ۾ وڏي عمر جي عورت کي سهارو ڏئي گهر جون چاٻيون ڏنيون. ٻوڏ متاثرين ۾ نئين تعمير ٿيل گهرن جون چاٻيون ورهائڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي وڏي عمر جي عورت زرگل جڏهن چاٻيون وصول ڪرڻ جي لاءِ آئي ته وزيراعظم شهباز شريف کيس سهارو ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ۽ چاٻيون ان جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر سهارو ڏئي سيٽ طرف وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪئي.