APP33-300922 ISLAMABAD: September 30 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairs Federal Cabinet meeting. APP

اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ۾ ڊپلوميٽڪ سائيفر جي ڪاپي وزيراعظم هائوس جي رڪارڊ مان غائب هُجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته ڪابينا ڊپلوميٽڪ سائيفر جي معاملي جي جانچ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪابينا ڪميٽي ۾ حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي نمائندن کانسواءِ پرڏيهي، گهرو، قانون واري وزارتن جا وزير شامل هوندا، ڪميٽي ڊپلوميٽڪ سائيفر معاملي ۾ ملوث ڪردارن اڳوڻي وزيراعظم، اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري ٽو پرائم منسٽر، سينيئر وزيرن جي خلاف قانوني ڪارروائي جو تعين ڪندي. ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان لنڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ڪابينا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ جي لاءِ نون ايس او پيز سان گڏوگڏ اي سي ايل ۾ 12 نالا شامل ڪرڻ ۽ 3 کي فهرست مان خارج ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ڪابينا اجلاس ۾ آڊيوز ليڪس جي معاملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ڪابينا نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي (اين ايس سي) پاران ان معاملي جي مڪمل جاچ ڪرڻ جي فيصلي جي تائيد ڪئي جڏهن ته ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڊپلوميٽڪ سائيفر بابت اڳوڻي وزيراعظم، اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري ٽو وزيراعظم ۽ ٻين ماڻهن جي هڪ ٻئي پٺيان سامهون ايندڙ آڊيوز اڳوڻي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان جي ڏوهاري سازش بي نقاب ڪري ڇڏي آهي. هڪ ڊپلوميٽڪ سائيفر کي هٿ ٺوڪي معنيٰ ڏئي سياسي مفادن جي لاءِ اهم قومي مفادن جو قتل ڪيو ويو ۽ فراڊ، جعلسازي، فيبريڪيشن کانپوءِ ان کي چوري ڪيو ويو. اها آئيني حلف، ٻين لاڳاپيل قانونن، ضابطن خاص طور تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سنگين خلاف ورزي آهي. اهو رياست جي خلاف ناقابل معافي ڏوهه آهي جنهن جي ذريعي اهم رياستي مفادن تي سياسي مفادن کي اهميت ڏني وئي. تنهن ڪري آئين، قانون ۽ ضابطن تحت لازمي آهي ته ان سڄي معاملي جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن جو واضح تعين ڪري انهن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. ڊپلوميٽڪ سائيفر جي معاملي تي ڪابينا کي بريفنگ ۾ انڪشاف ٿيو ته لاڳاپيل ڊپلوميٽڪ سائيفر جي ڪاپي وزيراعظم هائوس جي رڪارڊ مان غائب آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي وزيراعظم کي موڪليل ان سائيفر جي وزيراعظم هائوس ۾ وصولي جي جيتوڻيڪ رڪارڊ ۾ داخلا موجود آهي پر ان جي ڪاپي رڪارڊ ۾ موجود نه آهي. قانون موجب اها ڪاپي وزيراعظم هائوس جي ملڪيت هوندي آهي. اجلاس قرار ڏنو ته ڊپلوميٽڪ سائيفر جي رڪارڊ مان چوري سنگين معاملو آهي. ڪابينا تفصيلي مشاورت کانپوءِ ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا سمورن ملوث ڪردارن اڳوڻي وزيراعظم، اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري ٽو پرائيم منسٽر، سينيئر وزيرن جي خلاف قانوني ڪارروائي جو تعين ڪندي. ڪابينا ڪميٽي ۾ حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي نمائندن کانسواءِ پرڏيهي، گهرو، قانون واري وزارتن جا وزير شامل هوندا. ڪابينا جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي لنڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران هراسان ڪرڻ، ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ، وچ بازار ۾ بدڪلامي، بدتهذيبي جو نشانو بڻائڻ ۽ هجوم جي صورت ۾ گهيراءُ ۽ پيڇو ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. اجلاس چيو ته اسلام، اولهه تهذيب، قانون ۽ سياسي ڪلچر ۾ ڪنهن عورت سان خاص طور تي اهڙي نوعيت جي ڪنهن منفي رويي جي ڪا گنجائش موجود نه آهي، اها رڳو گنڊه گردي آهي جنهن جي ڪو معاشرو اجازت نه ٿو ڏئي سگهي. اجلاس مريم اورنگزيب جي مثالي تحمل مزاجي کي خراج تحسين پيش ڪندي انجي جذبي، همت ۽ بهادري کي ساراهيو ۽ ان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اجلاس اهو به قرار ڏنو ته پي ٽي آءِ ۽ ان جي قيادت نه رڳو مرد سياسي مخالفن خاص طور تي عورتن کي سدئين بدتهذيبي ۽ بدڪلامي جو نشانو بڻايو آهي پر عورت صحافين سان پڻ انتهائي مذمت جوڳو رويو اختيار ڪيو آهي. ان کانسواءِ عورتن بابت عام طور تي پي ٽي آءِ ۽ ان جي چيئرمين جور ويو سدائين معتصباڻو، جانبدرانو ۽ توهين آميز رهيو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. معاشري جي هر طبقي سميت سمورن پاڪستانين کي ان ناقابل قبول طرزعمل جي مذمت ڪرڻ گهرجي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ريڪوڊڪ جي حوالي سان وفاقي حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت جي ريڪوڊڪ منصوبي جي تعمير بابت سپريم ڪورٽ جي گذريل فيصلي جي حوالي سان وزيراعظم جي سفارش تي صدر پاڪستان پاران وضاحتي ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان سان گڏوگڏ ريفرنس ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري (تحفظ ۽ فروغ) بل 2022ع جي منظوري جي حوالي سان پڻ وضاحت طلب ڪئي ويندي. ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي اي سي ايل ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالن جي شموليت ۽ اخراج جي لاءِ نئين ايس او پي (Standard Operating Procedure 2022) جي منظوري ڏني. نئين ايس او پي تحت اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ جو طريقيڪار اڳ کان وڌيڪ شفاف ۽ آسان بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ ڪابينا اي سي ايل ۾ 12 نالا شامل ڪرڻ ۽ ٽن کي فهرست مان خارج ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني.