اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري پاڪستان اچڻ کان فوري پوءِ سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقي جاکرو پهچي ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم جاکرو ۾ ٻوڏ سان نقصانن ۽ جاري امدادي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ورتي، جنهن کانپوءِ ٻوڏ متاثرين جي خيما بستيءَ ۾ انهن سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻوڏ متاثر علائقي جاکرو جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم جي ٻوڏ متاثرين سان ملاقات جون تصويرون به شيئر ڪيون.