APP01-160522 ISLAMABAD: May 16 - Convener MQM Pakistan, MNA Dr. Khalid Maqbool Siddiqui calls on Prime Minister Shehbaz Sharif. APP

اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ڪنوينر قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ۽ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي عوامي فلاحي منصوبن کي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪراچي جي عوام لاءِ ترقياتي منصوبن تي فوري عملدرآمد جي هدايتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم حڪومتي سڌارن جي لاڳو ۾ اتحادي پارٽين جي تعاون جي آجيان ڪئي ۽ مستقبل ۾ قومي مفاد جي فيصلن ۾ اتحادين جي تعاون کي اهم ڪردار قرار ڏنو.