اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام سڀ ڄاڻي ٿي، پنهنجي جوابدارن کي سڃاڻي ٿي، عمران صاحب! ڪوڙ ڳالهائڻ، ڌمڪي ڏيڻ ۽ گار ڏيڻ سان حقيقت نٿي لڪي سگهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عوام سڀ ڄاڻي ٿي، اصل معاشي تباهي، بي روزگاري ۽ بک جو جوابدار عمران خان آهي، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ 2022ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور دوران ملڪي ترقي جي حوالي سان انگن اکرن جو گراف به شيئر ڪيو، ان گراف موجب 2018ع ۾ ڊالر جي قيمت 116 روپيا هئي جيڪا 2022ع ۾ 189 روپيا ٿي وئي، قومي ترقي جي رفتار 6.1 سيڪڙو کان گهٽجي 4 سيڪڙو (متوقع)، مهانگائي 3.9 سيڪڙو کان وڌي 13 سيڪڙو، غذائي مهانگائي 2.3 سيڪرو کان وڌي 15 سيڪڙو، آٽو 20 ڪلو 700 روپين مان وڌي 1100 روپيا، کنڊ في ڪلو 53 روپين کانو ڌي 90 روپيا، گيهه في ڪلو 151 روپين مان وڌي 470 روپيا، بجلي في يونٽ 11 روپين کان وڌي 25 روپيا، گئس 600 روپيا، ايم ايم بي ٽي يو کان وڌي 1400 روپيا، ايم ايم بي ٽي يو، يوريا ٻوري جي قيمت 1380 کان وڌي 1918 روپيا، (3 هزار روپين به وڪرو ٿي) مالي خسارو 2260 ارب روپين کان وڌي 5600 ارب روپيا (متوقع) واپاري خسارو 0.9 ارب ڊالر کان وڌي 43 ارب ڊالر، جي ڊي پي ۽ ٽيڪس جو تناسب 11.1 سيڪڙو کان وڌي 9.2 سيڪڙو، حڪومتي قرض 1947ع کان وٺي 2018ع تائين 24953 ارب روپين کان وڌي ساڍا ٽن سالن ۾ 42745 ارب روپيا، بي روزگارن جو تعداد 35 لک کان وڌي 95 لک ٿي ويو يعني ملڪ ۾ 60 لک بيروزگارن جو اضافو ٿيو، اهڙي طرح ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن تي اسپيشن انڊيڪس رينڪنگ 117 کان 140 ٿي، ڪرپشن ۾ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو، چار سالن ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ ماڻهن جي تعداد ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن سميت 1.3 ڪروڙ ٻارن جو اضافو ٿيو.