سمرقند – 22 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ ازبڪستان جي شهر سمرقند پهچي ويو. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ آهن. صدر سمرقند ۾ عظيم محدث حضرت امام بخاري جي مزار تي حاضري ڀري. هن حديثن جي تدوين ۽ ديني خدمتن تي امام بخاري رضه کي خراج عقيدت پيش ڪيو.