APP52-231121 ISLAMABAD: November 23 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain addressing a press conference. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري پنهنجي پارٽين کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو، اليڪشن ڪميشن ٽي ايل پي سميت ٻين سياسي پارٽين کان پڇي ته فنڊنگ ڪٿان آئي، مريم نواز جو رويو سدائين منفي رهيو آهي جيڪا فيڪ وڊيوز ۽ ٽيپون ٺاهي ججن ۽ ٻين اڪابرين تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، اهڙي طرح جي حرڪتن جي مذمت ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ بار پاران ججن ۽ فوج جي خلاف تقريرن کان لاتعلقي جو اظهار سُٺي ڳالهه آهي، ايندڙ چونڊون هر صورت ۾ اي وي ايم تي ٿينديون، 90 لک اوورسيز پاڪستاني پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ان جي خلاف هونديون پر اوورسيز پاڪستانيز کي ووٽ جو حق ڏيڻ اسان جو چونڊ واعدو آهي، باقي شين تي اسان ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، نواز شريف فيملي کي اسان جا ٿورا مڃڻ گهرجن ته اسان انهن کي ووٽ جو حق ڏئي ڇڏيو آهي، انهن کي وطن واپس ته اچڻو نه آهي، سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ ضرورت جي شين جون قيمتون ملڪ جي ٻين حصن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهن، ڪابينا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ انٽرنيٽ ووٽنگ جي استعمال لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، ناڻي واري ڊويزن ضرورت جي شين جي قيمتن جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار ڪابينا کي آءِ ايم ايف پئڪيج جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ بار پاران لاهور ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس دوران ججن ۽ فوج جي خلاف تقريرن کان لاتعلقي جو اظهار سُٺي ڳالهه آهي، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن کي مشورو ڏنو اها ته اهي غيرجانبدار رهي ۽ آئين موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار جي آڊيو جي حوالي سان سما ٽي وي جهڙي طرح ڪچو چٺو کوليو، ساراهه جوڳو آهي، (ن) ليگ پاران اڳ ۾ به اهڙي قسم جي وڊيو جاري ڪئي وئي هئي، جعلي وڊيوز ٺاهڻ جو مقصد عدليه کي دٻاءُ ۾ آڻڻ هو. هن چيو ته مون کي ڇو ڪڍيو جي مهم ۾ جهڙي طرح فوج تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي طرح انهن جو خيال هو ته جج به دٻاءُ ۾ اچي ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪيسز هلڻ شروع ٿين ٿا ته اهڙي قسم جي مهم هلائي وڃي ٿي ته شايد ججز دباءُ ۾ اچي وڃن، اميد آهي عدليه اهڙي قسم جي دٻاءُ کي رد ڪري ڇڏيندي. چوڌري فواد حسين چيو ته مريم نواز جو رويو سدائين منفي رهيو آهي، ماڻهن جون ٽيپون ٺاهن، انهن جي فيڪ ليڪس تيار ڪرڻ ان جو پراڻو ڪم آهي، فيڪ ليڪس تيار ڪرڻ جي لاءِ مريم نواز ٽيم ٺاهي رکي آهي، سندس خيال آهي ته ججز ۽ ٻيا اڪابرين اهڙي طرح دٻاءُ ۾ اچي سگهن ٿا، شايد پنهنجي پارٽي کي به قابو ۾ ڪرڻ جي لاءِ هو اهڙي قسم جون وڊيوز تيار ڪرائيندي هوندي. هن چيو ته مريم نواز جي ان رويي جي مذمت ڪريون ٿا، اميد آهي ته اهو معاملو پنهنجي منطقي انجام تي پهچندو. هن چيو ته عدالتن پاران جيڪي به هدايتون اينديون، اسان انهن تي عمل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته پورو هفتو سيمينارز جي سيريز ٿي، لاهور کانپوءِ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سيمينار کانپوءِ خبر پئي ته ٻنهي سيمينارز ۾ فارن فنڊنگ شامل هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ انٽرنيٽ ووٽنگ جي استعمال جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ڪميٽي ۾ وفاقي وزير شبلي فراز، اعظم سواتي، امين الحق، پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ اٽارني جنرل شامل هوندا. اها ڪميٽي ٺوس حڪمت عملي ۽ طريقيڪار طئي ڪندي جنهن جي ذريعي ايندڙ شفاف چونڊون ڪرائي سگهبيون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني به پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪري سگهندا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي به جيڪا معاونت گهربل هوندي اسان مهيا ڪنداسين. هن چيو ته ايندڙ چونڊون هر صورت ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز تي ٿينديون، 90 لک اوورسيز پاڪستاني پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا. چوڌري فواد حسين چيو ته (ن) ليگ کي اسان جو ٿورائتو هجڻ گهرجي ته پهريون ڀيرو نواز شريف جا پٽ به پاڪستان جي چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جي لاءِ اهل هوندا. هن چيو ته ناڻي واري ڊويزن ضرورت جي شين جي قيمتن جي حوالي سان وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني. چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا کان شڪايت رهندي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ميڊيا جي معاملي ۾ وڌيڪ حساس آهي، جڏهن قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ته ميڊيا هيڊ لائينز لڳائي ويندي آهي پر جڏهن گهٽ ٿين ٿيون ته ميڊيا ماڻهن کي آگاهه ئي نه ٿي ڪري. هن چيو ته هن وقت کنڊ 90 کان 95 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، ايندڙ 15 کان 20 ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت 80 کان 85 رپين تائين اچي ويندي، ٽماٽا، بصر ۽ ادرڪ جون قيمتون به گهٽ ٿيون آهن، فوڊ باسڪٽ بيلنس ٿيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪراچي ۾ قيمتون پوري پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. 18 هين ترميم کانپوءِ وفاقي حڪومت رڳو پاليسي ڏئي سگهي ٿي، ان تي عمل ڪرائڻ صوبن جو ڪم آهي. اسان جڏهن سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ ريليز ڪرڻ جو چيو ته نه ڪئي، سنڌ ۾ شگر ملز ۾ ڪريشنگ دير سان شروع ٿي جنهن جي ڪري کنڊ جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو، حساس قيمتن جي انگن اکرن جو 40 سيڪڙو ڊيٽا جو بنياد ڪراچي جون قيمتون آهن، هن وقت پنجاب ۾ اٽي جي 20 ڪلوگرام ٿيلهي جي قيمت 1100 رپيا آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ان جي قيمت 1461 رپيا آهي. کنڊ جي قيمت ڪراچي ۾ 107 رپيا في ڪلو جڏهن ته راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، فيصل آباد، سرگوڌا، ملتان، پشاور، بنون سمورين جاين تي 90 رپيا في ڪلو آهي. حيدرآباد ۾ به کنڊ 100 رپيا في ڪلو جڏهن ته اٽي جو 20 ڪلوگرام جو ٿيلهو 1443 رپين ۾ ملي رهيو آهي. ميڊيا کي گذارش آهي ته سنڌ حڪومت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري، سنڌ ۾ اربن ايرياز جا ماڻهو سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن، سنڌ حڪومت جا فيصلا وقت نه ٿا ٿين جنهن جي ڪري تمام وڏو بحران پيدا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مراد علي شاهه کي پنهنجا معاملا ٺيڪ ڪرڻ گهرجن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ناڻي واري صلاحڪار ڪابينا کي آءِ ايم ايف پئڪيج جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. توانائي واري وفاقي وزير ۽ ناڻي واري صلاحڪار گذريل ڏينهن ان حوالي سان تفصيلي طور تي ميڊيا کي آگاهه ڪيو هو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ذيلي ادارن ۾ سي او/ ايم ڊي جي خالي جاين جو جائزو ورتو. وفاقي تعليم ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت آگاهه ڪيو ته هن وقت وزارت جي انتظام هيٺ ادارن ۾ 6 سربراهن جون جايون خالي آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته انهن ۾ ٻه جايون اهي آهن جن جي لاءِ رولز ۾ ترميمن جي ضرورت گهربل آهي جنهن جي لاءِ ڪم جاري آهي. ان کانسواءِ چئن ادارن جي سربراهن جي مقرري گهربل نه هوندي ڇو ته ادارا پاڻ ۾ ضم، ختم يا ٻين وزارتن جي حوالي ڪيا پيا وڃن. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ٻڌايو ته وزارت جي انتظام هيٺ ادارن ۾ اڪثر جايون خالي آهن، جن کي ٻين وزارتن يا ٻين ادارن سان ضم ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا خالي جاين تي مقررين جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪابينا اداراجاتي سڌارن واري ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته اها سمورين وزارتن جي ذيلي ادارن جي صلاحيت جو باقاعده طور تي جائزو وٺي ۽ موثر حڪمت عملي جوڙي هڪ مهيني ۾ ڪابينا ۾ رپورٽ پيش ڪري. چوڌري فواد حسين ٻڌاي ته ڪابينا وزيراعظم ٽاسڪ فورس جي سفارش تي پاڪستان جيمز اينڊ جيولري ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏني ته جيئن جيمز ۽ جيولري جي روانگي واپار کي وڌائي سگهجي ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهجي. هن ٻڌايو ته ڪابينا سول ايوي ايشن اٿارٽي پاڪستان ۽ برطانيا جي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏني. اهو معاهدو ٽن سالن جي لاءِ عمل جوڳو رهندو جنهن تحت عالمي معيار موجب ڪمرشل ايئرلائينز جي حوالي سان معيار کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايتن موجب ڪابينا پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي تي ميمبرن جي مقرري لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن تي ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ذيلي اداري اليڪٽرانڪ سرٽيفڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل (اي سي اي اي سي) تي ٽن سالن جي لاءِ ميمبر مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. ميمبرن ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل ٽيلي ڪام ڪارپوريشن شهزاد سميع، عبدالواحد خان ۽ ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ شامل آهن. هن ٻڌايو ته ڪابينا ميان محمد احمد جي بطور ميمبر پورٽ قاسم اٿارٽي مقرري جي منظوري ڏني. اها جاءِ محمود بقي مولوي جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿي هئي جن جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا رياد ايم او يو آن پورٽ اسٽيٽ ڪنٽرول ۾ پاڪستان جي شموليت جي منظوري ڏني. ان معاهدي سان سامونڊي جهازن جي انسپيڪشن جي معيار جي بهتري سامونڊي جهازن جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي، سامونڊي حيات جي تحفظ ۽ سامونڊي جهازن تي ڪم ڪندڙ عملي جي حفاظت ۽ معيار زندگي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪابينا ڊرگ پرائسنگ ڪميٽي جي سفارش تي 38 نئين دوائن جي قيمتن جي تعين جي منظوري ڏني. هن چيو ته قيمتن ۾ ڦيرڦار جي نتيجي ۾ پاڪستان جي فارما سيڪٽر ۾ گروٿ شروع ٿي آهي. پاڪستان جي فارما انڊسٽري پهريون ڀيرو پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا سعيد احمد واچ کي ٽن سالن جي لاءِ بطور سي اي او سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان کانسواءِ ڪابينا ريحان حامد کي مالي بي ضابطگين ۽ مس ڪنڊڪٽ جي بنياد تي سي اي او حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا مارڪيٽ مان نئين سي اي او جي مقرري جي عمل کي جلد شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ عارضي طور تي نور احمد سومرو چيف انجنيئر حيسڪو کي بطور سي اي او ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا پاڻي وسيلن واري وزارت جي سمري جي منظوري ڏيندي جميل اختر کي بطور ميمبر پاور واپڊا ۽ جاويد اختر لطيف کي بطور ميمبر واٽر واپڊا ٽن سالن جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا توانائي بابت ڪميٽي جي 4 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. هن ٻڌايو ته ان حوالي سان تفصيلي بريفنگ جدا ٿيندي، اسان ٻه وڏيون انڪوائريون شروع ڪيون هيون جن ۾ شگر ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي انڪوائري شامل هئي. هن چيو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي انڪوائري مڪمل ٿي وئي آهي، ڪابينا کي پيٽرول جي هٿرادو کوٽ جي حوالي سان انڪوائري رپورٽ جي نتيجن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. رپورٽ موجب تيل جي ناجائز ذخيره اندوزي جو ڪاٿو 5.52 ارب رپيا لڳايو ويو، ان انڪوائري رپورٽ جي ڪري ٻه هزار کان وڌيڪ غيرقانوني پيٽرول پمپن کي سيل ڪيو ويو. اوگرا پاران غيرقانوني آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي لائيسنس جاري ڪرڻ کي روڪيو ويو، انهن قدمن جي ڪري پاڪستان اسٽيٽ آئل جي منافعي ۾ 36 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ان انڪوائري جي نتيجي ۾ ٻن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، هڪ ڪمپني جي سي اي او کي گرفتار ڪيو ويو، وڌيڪ اهو ته اوگرا ۽ پيٽروليم واري وزارت جي ملوث سينيئر آفيسرن کي به گرفتار ڪيو ويو. غيرقانوني ذخيره اندوزي ۾ ملوث آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي هڪ ارب رپين جا اثاثا منجمند ڪيا ويا، ٻئي مرحلي ۾ 7 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي خلاف التوا هيٺ ڪيسن جي انجام کانپوءِ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. منصوبابندي وارو وزير ۽ توانائي وارو وزير انهن فيصلن جي حوالي سان ميڊيا کي جدا بريفنگ ڏيندا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 15 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. هن ٻڌايو ته پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي پروگرام (ايس اي پي) تحت مالي سال 22 – 2021ع جي دوران 10 ارب رپين جي فنڊز جي فني سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. رحمت للعالمين اٿارٽي جي لاءِ مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ 338 ملين رپين جي فني سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. يوريا جي درآمد جي لاءِ پيپرا جي قانونن ۾ نرمي ڪئي وئي. ان کانسواءِ صوبن ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ 4.785 ارب رپين جا فنڊز گهريا ويا. هن ٻڌايو ته ڪابينا قانون بابت ڪميٽي جي 18 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏني وئي ته جيئن اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي راهه هموار ٿي سگهي. اليڪشن ڪميشن ڪنهن به وقت شيڊيول ڏئي سگهي ٿو، اسلام آباد ۾ پهريون ڀيرو سڌوسنئون ميئر هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا فيڊرل گورنمينٽ پراپرٽيز ايڪٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز تي ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ميمبرن ۾ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ هائوسنگ وارو سيڪريٽري (يا ان جي گريڊ 21 جو نمائندو) شامل آهن. هن ٻڌايو ته ڪيڊسٽرل نقشابندي جي لاءِ سروي ۽ ميپنگ (ترميمي) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏني. ان قانون سان سرڪاري زمين تي ناجائز قبضن جي نشاندهي ۾ مدد ملندي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته سڀ کان وڌيڪ قبضا سنڌ جي ٻيلن جي زمينن تي ٿيا آهن، ڪل قبضن جو ڪاٿو 5.6 کرب رپيا بڻجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جڏهن اها سروي ڪرائڻ شروع ڪئي ته سنڌ حڪومت پنهنجي ڊيٽا شيئر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ٻين معاملن وانگر سنڌ ۾ فاريسٽ لينڊ تي قبضا به سڀ کان وڌيڪ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ڊي ايم کي فيصلي ڪرڻ جو حق حاصل آهي، اهي اسان سان گڏ ويهن ۽ ٻڌائين ته اهي ڪهڙا چونڊ سڌارا چاهين ٿا. هن چيو ته اسان اتفاق راءِ چاهيون ٿا، ان ڳالهه تي سڀني جو اتفاق آهي ته پاڪستان ۾ چونڊ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت اهي، اسان جي نظر ۾ هي نظام اي وي ايم سان ئي بهتر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ اسان جو چونڊ واعدو آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ان جي خلاف هونديون پر اهو اسان جي چونڊ منشور جو حصو آهي، باقي شين تي اسان ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هن ٻڌايو ته ناصرالملڪ ڪميشن جي سفارشن جو جائزو ورتو وڃي ته جيڪي شين ڌانڌلي جو سبب بڻيون، انهن جو خاتمو اي وي ايم سان ممڪن آهي. مخالف ڌر کي ٻيهر چئون ٿا ته اها عدالتن ۾ ڌڪا کائڻ ۽ بار بار جي شڪست بدران اسان سان گڏ انهن معاملن تي ويهي ۽ ڳالهيُون ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪا ٻي سياسي پارٽي نه آهي جنهن فارن فنڊنگ ڪيس جو جواب ڏنو هجي، اليڪشن ڪميشن کي ٻين پارٽين کان به پڇڻ گهرجي ته فنڊنگ ڪٿان آئي. هن چيو ته عمران خان وٽ ته ڪو عهدو نه هو، پوءِ به هن 40 سال پراڻيون رسيدون پيش ڪيون. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن ۾ انهن ماڻهن جا بيان حلفي جمع ڪرايا جن پارٽي کي فنڊنگ ڪئي جڏهن ته نواز شريف ۽ پيپلزپارٽي ته پنهنجي پارٽين کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته فنڊنگ جي ڪيسز تي اليڪشن ڪميشن کي اڳتي وڌڻ گهرجي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت پاران افغانستان کي 50 هزار ٽن ڪڻڪ موڪلڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا لنگهه جي منظوري ڏني آهي.