APP06-211921 ISLAMABAD: October 21 - Interior Minister Sheikh Rasheed Ahmed calls on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گهرو وزير شيخ رشيد احمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ۾ امن امان ۽ سياسي صورتحال ۽ افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ راولپنڊي ۾ جاري ترقياتي منصوبن، خاص طور تي ناله لئي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.