APP47-201021 ISLAMABAD: October 20 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting on the development of new Balakot City. APP

اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته نيوبالاڪوٽ سٽي کي سياحتي مقام طور ترقي وٺرائي وڃي، وزيراعظم آفيس جي ميڊياونگ مان جاري بيان موجب نيوبالاڪوٽ سٽي کي سياحتي مرڪز جي طور تي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جابلو علائقن ۾ نوان سياحتي ماڳ تعمير ڪري رهي آهي ان مقصد لاءِ سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي ۾ مشهور نجي سيڙپڪارن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) موڊيز تي متوجهه ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ نجي سيڙپڪارن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن. هن ڪي پي ڪي حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو منصوبي کي ايرا کان وٺي هڪ سياحتي ماڳ طور تي مڪمل ڪري، وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته خطي ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ پوکي هيٺ زمين جي منصوبي ۾ شامل نه ڪيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نيوبالاڪوٽ سٽي کي ڊزائين- بلڊ- فنانس-آپريٽ اينڊ ٽرانسفر (DBFOT) موڊ تي سياحتي مرڪز طور ترقي ڏيڻ جي 19.5 بلين روپين جي منصوبي جي فزيبلٽي اسٽيڊي نيسپاڪ ۽ ڪي پي ايم جي مڪمل ڪري ورتي آهي. تجويز ڪيل پروجيڪٽ تحت ڪل 6753 مان 63 سيڪڙو رهائشي پلاٽ مقامي متاثرين کي الاٽمينٽ لاءِ مختص آهن جڏهن ته باقي 2480 رهائشي ۽ 575 ڪمرشل پلاٽس کانسواءِ 800 اپارٽمينٽس نيلام ڪيا وڃن ته جئين ان منصوبي تي عملدرآمد لاءِ فنڊز حاصل ڪري سگهجن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بنيادي طور تي نيو بالاڪوٽ سٽي جي ترقي وفاقي حڪومت بدران ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي، ڪي پي ڪي حڪومت پهرين ئي ان مقصد جي لاءِ زمين حاصل ڪري چڪي آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ( پي پي پي) تحت مڪمل ڪيل ان منصوبي ۾ يوٿ هاسٽل، ٿيم پارڪ، ڪيمپنگ گرائونڊ ۽ ٿري اسٽار هوٽل شامل هوندا، اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو موجوده سياحتي ماڳن تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو پر حڪومت سان گڏ متوقع آمدني ورهائڻ جي نتيجي ۾ 7 بلين روپين کان وڌيڪ رقم به ڪمائيندو.