APP73-181021 ISLAMABAD: October 18 - Chaudhary Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting talking to media persons during Solo Calligraphy Exhibition. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر جو دڪان اڳ ۾ به نه هليو، هاڻي به نه هلندو، مخالف ڌر جي ڪا سياسي سوچ نه آهي، صبح کان رات تائين عمران خان کي برو ڀلو چوڻ سان اهي اقتدار ۾ نه ٿا اچي سگهن، مخالف ڌر اليڪٽورل ريفارمز ۽ نيب قانونن سميت وڏن سڌارن تي اسان سان گڏ ويهي، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن انهن جو مقصد پنهنجا ڪيسز ختم ڪرائڻ آهي ته ان تي ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي، مولانا فضل الرحمان کي مشورو آهي ته هو هاڻي ماڻهن جي جلسن جي لاءِ ريٽ جو ڪم ڪري، کيس جيترو استعمال ٿيڻو هو ٿي چڪو آهي، هاڻي ان جي اهميت ناهي رهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، معاملا حل ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر جو ڪم ئي نقطه چيني ڪرڻ آهي، هن وقت گيهه، ڪڻڪ ۽ بجلي تي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سڄو ملڪ سبسڊي تي نه هلائي سگهجي، هن سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيلي گرافي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خطاطي جو فن بنيادي طور تي اسلام ۽ مسلمانن سان ڳنڍيل آهي، قرآن پاڪ کي خطاطن لکيو، مسلمان تاريخ ۾ خوبصورت ڪيلي گرافي موجود آهي جنهن جو ڪٿي مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته حڪومت هن عشره کي رحمت للعالمين ﷺ جي نالي سان منسوب ڪري چڪي آهي، وزيراعظم سڀاڻي هڪ وڏي ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندو. هن چيو ته لاهور ۽ ڪراچي ۾ پڻ اهڙي قسم جون نمائشون منعقد ڪيون وينديون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، سڀ معاملا حل ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر جو ڪم ئي نقطه چيني ڪرڻ آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، ڪمند جي بمپر فصل جي اميد آهي جنهن سان کنڊ جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ ريليز نه ڪرڻ جي ڪري سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿيو، هاڻي سنڌ حڪومت به ڪڻڪ ريليز ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ به اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان ڪنهن الڳ دنيا ۾ نه ٿا رهون، عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌنديون ته هتي به تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو، جيڪڏهن اتي تيل جون قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته ڪجهه سياسي شعبده باز ڳالهيون ته ڪن ٿا پر مسئلي جو حل سامهون نه ٿا آڻين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ربيع الاول جي مهيني جي مناسبت سان سيرت النبي تي اسيمبلي ۾ ڳالهه ڪرائڻ چاهي ته مخالف ڌر ان سيشن جو ئي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. هن يچو ته هي جمهوريت پسند ماڻهو نه آهن، رڳو ڊيل جي ڳولا ۾ آهن ۽ هاڻي احتجاج جو بهانو ڳولين پيا. هن چيو ته مخالف ڌر کي جڏهن خبر پوي ته فوج ۽ حڪومت ۾ اختلاف ٿي ويو آهي ته هي سي وي کڻي بيهي رهن ٿا ۽ جڏهن خبر پوي ٿي ته ڊيل ناهي ٿي ته پوءِ هي فوج جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته انهن جي ڪا سياسي سوچ نه آهي، صبح کان وٺي رات تائين عمران خان کي برو ڀلو چوڻ سان هي اقتدار آ۾ نه ٿا اچي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر پنهنجي پاليسين تي ٻيهر غور ڪري، اليڪٽورل ريفارمز، نيب قانونن سميت وڏن سڌارن تي اچي، اسان سان ڳالهيون ڪري، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر جيڪڏهن انهن جو مقصد پنهنجا ڪيسز ختم ڪرائڻ آهي ته ان تي ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي دڪان اڳ ۾ به نه هلي هاڻي به نه هلندي، فيصل آباد جلسي ۾ جي يو آءِ مدرسي جي شاگردن کي وٺي آئي، انهن (ن) ليگ جا جهنڊا پڪڙيا جنهن تي انهن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي مشورو آهي ته هو هاڻي ماڻهن کي جلسن جي لاءِ ريٽ جو ڪم ڪري، کيس جيترو استعمال ٿيڻو هو ٿي چڪو آهي، هاڻي ان جي اهميت ناهي رهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت گيهه، ڪڻڪ ۽ بجلي تي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلائي سگهجي. سبسڊي عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ڏني وڃي ٿي، ملڪ کي هلائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي هوندي آهي. هن چيو ته هن سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي گڏجي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻو آهي، پرائيويٽ ڪمپنيون ۽ ميڊيا مالڪ به پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪن.